تارا سنگهه جواهريءَ جي پڙي شڪارپور

تارا سنگهه جواهريءَ جي پڙي شڪارپور: هيءَ پڙي شڪارپور جي ڍڪ بازار ۾ پاڪستان جي قيام کان اڳ پنهنجي اؤج تي هوندي هئي. هن پڙيءَ ۾ بصري جا موتي، رنگون جا ياقوت، برازيل جو پنو، لنڪا جو پکراج، آفريڪا جا هيرا، اٽليءَ جي موگوي سميت جواهرات جي خريد و فروخت ٿيندي هئي. هيءَ پڙي چوسول کان سامي شير جي ويندڙ رستي تي پنجاهه قدمن تي هوندي هئي. هن پڙيءَ جو مالڪ نند جويري هوندو هو. هن پڙيءَ تي شڪارپور جا تيجسوي وڻجارا، صراف، هُنڊي پانڊي، جواهرات جا دلال، سفيد ويس پائي، مٿي تي پڳڙيون پائي پڙِيءَ تي سودن لاءِ پيا چڪر ڪاٽيندا هئا پر پاڪستان جي قيام بعد پڙيءَ جو مالڪ نند جويري هندستان لڏي ويو، جنهنڪري هيءَ پڙي ختم ٿي وئي. اڄ به ان پڙيءَ جو دڪان چڱي حالت ۾ موجود آهي. نند جويري ڪتاب ’تاريخ ۽ تحقيق'>شڪارپور تاريخ ۽ تحقيق‘ ۾ لکي ٿو ته : ’جتي جواهرات جهڙا قيمتي سودا وڪامندا هئا، اڄ اتي اڇا ۽ ڳاڙها انگوڇا رکيل ڏسي ان وقت منهنجي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو